اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سر??ار اياز صادق ام?? جي قيام ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سياستدان?? جي ڪر??ار کي نهايت اهم قرار ڏيندي چيو آهي، ته انصاف جي ٻٽي معيار سان امن قائم نٿو ٿي سگهي، فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، تڪرار?? جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ضروري آهي، عالمي سطح تي انصاف جي هڪجهڙي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. هو پارليامينٽرين فار گلوبل ايڪش?? جي 45هين سالياني فورم ۽ پارليامينٽيرينز جي مشاورتي اسيمبلي جي 13هين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان اچڻ تي مهمان?? جي آجيان ڪندي چيو ته 39 ملڪ?? جي شرڪت عالمي امن ۽ انصاف کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسا?? جي ڪوششن جو ثبوت آهي، اميد آهي ته ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ عالمي چئلينجز تي لاڀائتيون ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته پاڻي جي مسئلن سميت ڪيترائي عوامي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اوهان ڪنهن به خطي يا ملڪ مان هجو، انهن سمورن مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيو ٿا، اها اسا?? جي ذميواري آهي، ته اسان شهري?? جي بنيادي انساني حق?? جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪيون. هن چيو ته ماحولياتي تبديليون ملڪ لاءِ وڏو چئلينج آهن، سينيٽر شيري رحمان جو ماحولياتي تبديلي?? جي ناڪاري اثرن کان بچڻ، گذريل سال ٻوڏ ۾ عالمي برادري جي ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم ڪر??ار رهيو. شيري رحمان نه رڳو پاڪستان پر ماحولياتي تبديلي?? جي ناڪاري اثرن کان بچڻ جي ڪوششن ۾ عملي حصو وٺڻ تي عالمي چيمپيئن آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان دنيا هن وقت ت??رارن جو شڪار آهي، فلسطين جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، فلسطين ۾ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڀارت جو ڄمون ڪشمير تي غاصباڻو قبضو عالمي قانون?? جي چٽي ڀڃڪڙي آهي، گذريل 77 سالن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. تڪرار?? جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ضروري آهي. امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ لاءِ سياستدانن جو ڪر??ار تمام اهم آهي. هن چيو ته انصاف جي ٻٽي معيار سان امن قائم نٿو ٿي سگهي، عالمي انصاف جي هڪجهڙي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. انصاف ۽ احتساب جي اصولن تي ڪاربند آهي. اسپيڪر چيو ته هر ملڪ الڳ سياسي، تاريخي ۽ ثقافتي قدر رکي ٿو، ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. عالمي امن ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. هن چيو ته روشن مستقبل لاءِ سڀني کي گڏجي اڳيان وڌائڻو پوندو. هن ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي پي جي اي صدر/ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، ميڊيا، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ پي آءِ پي ايس کي به مبارڪون ڏنيون. سيڪريٽري جنرل، پارليامينٽرينز فار گلوبل ايڪشن، مونيڪا ايڊم سمورن نمائند?? جي آجيان ڪئي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ان شان??ار انتظامن ۽ گرمجوشي سان مهمانو??زي جي تعريف ڪئي. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، پي جي اي صدر سيد نويد قمر، چيئر پرسن پي جي اي نيشنل چيپٽر شيري رحمان، ۽ ٻين پارليامينٽ ۽ فورم ۾ شريڪ ??مائند?? جي حمايت کي به ساراهيو. هن ٻڌايو ته پي جي اي جو بنياد 45 سال اڳ رکيو ويو هو ۽ هي سڄي دنيا ۾ سرحد پار پارليامينٽيرين جو سڀ کان وڏو غير سرڪاري نيٽ ورڪ هو. هن چيو ته پي جي اي قانون سازن کي انساني حقن، قانو?? جي حڪمراني، جمهوريت، انساني تحفظ، ماحولياتي انصاف ۽ صنفي برابري جي چيمپيئن طور فعال ڪيو. هن چيو ته اسان پارليامينٽيرينز ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ ??ولڊرز وچ ۾ اعتماد کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. پنهنجي شهري?? جي حقن کي يقيني بڻائڻ ۾ پارليامينٽيرينز جو ڪر??ار تمام اهم آهي ۽ ان لاءِ به هي اهم آهي ته هو هر سطح تي ٻه طرفي ڳالهين کي يقيني بڻائين ۽ دنيا ۾ تشدد ۽ وڏي پئماني تي انساني حق?? جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪن. هن ٻڌايو ته سي اي پي- آءِ سي سي، فورم ميمبرن وچ ۾ بهترين طريقن، چئلينجز، تجربن ۽ سکيل سبق?? جي مٽاسٽا لاءِ هڪ فورم طور ڪم ڪري ٿو جڏهن ته عالمي فوجداري عدالت واحد قائم ڪيل عالمي عدالت آهي جيڪا انسانيت کي سنگين خطرن سان لاڳاپيل ڪيس?? جي ٻڌڻي ڪندي آهي. پي جي اي ۽ پاڪستان نيشنل گروپ جي صدر سينيٽر شيري رحمان سڄي دنيا مان پي جي اي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ چونڊيل نمائندن کي سي اي پي- آءِ سي سي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ تي خوش آمديد ڪيو. هن گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو جيڪي عالمي امن ۽ قانو?? جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته عالمي انصاف ۽ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پي جي اي جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. پارليامينٽ ميمبرن کي تڪرار?? جي خاتمي لاءِ گڏيل لائحه عمل اپنائڻو پوندو. پاڪستان سدائين عالمي امن ۽ انساني حق?? جي حمايت ۾ پيش قدمي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان انصاف، انساني حقن ۽ قانو?? جي حڪمراني کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته عالمي انصاف کي هٿي وٺائڻ لاءِ پارليامينٽ ميمبرن جو ڪر??ار تمام اهم آهي. ايم اين اي سيد نويد قمر پنهنجي خطاب ۾ عالمي حقن، جمهنوريت ۽ انصاف لاءِ پاڪستا?? جي اهم ڪر??ار ۽ ا?? جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پي جي اي فورم انهن ڪارڪنن ۽ پارليامينٽيرينز لاءِ آهي جيڪي انساني حقن ۽ جمهوريت لاءِ ڪم ڪن ٿا. ايم اين اي سيد نيود قمر چيو ته پارليامينٽيرينز هتي پنهنجي ملڪ?? جي قيادت طور موجود آهن، جيڪي هن دنيا کي هڪ بهتر رهڻ لائق جڳهه بڻائڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهن، جيڪو پي اي جي جو هدف آهي. هن دنيا جي سڀ کان مختلف تنظيمن مان هڪ فورم جي خصوصيت جي حمايت ڪندي نمائندن تي زور ڀريو ته هو هڪ ٻئي جي تجربن ۽ ناڪامين مان سکن. هن چيو ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ايجنڊا حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا انسانيت جي بهتر ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪري سگهي. مان پي اي جي جي مدد سان کدڙن فقير?? جي حقن لاءِ بل پيش ڪيو ۽ ان کي منظور ڪرايو آهي. هن ايشيا ۽ يورپ ۾ پي جي اي کي وڌيڪ ??تحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ڇو ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي ايندڙ وڏو چئلينج آهي جنهن کي ڪو به اڪيلي سر حل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پارليامينٽيرينز کي عمل جوڳيون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ واضح هدفن سان پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس وڃڻ گهرجي. هن ٻن ڏينهن واري عالمي سي اي پي، آءِ سي سي ۾ 46 کان وڌيڪ ??ارليامينٽ ميمبر شرڪت ڪري رهيا آهن جڏهن ته فورم ۾ 14 نمائندا آن لائين شرڪت ڪري رهيا آهن.
انصاف جي ٻٽي معيار سان امن قائم نٿو ٿي سگهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب