اسلام آباد – 07 – ن??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪڙمه ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار طيب شاهه، لانس نائيڪ گلاب زمان، لانس نائيڪ مزمل محمود ۽ لانس نائيڪ حبيب الله جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئ?? ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئ??. وزيراعظم چيو ت?? اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب