اسلام آباد-12 في??رو??ي (اي پي پي) سينيئر پاڪستاني سفارتڪار منير اڪرم يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان چئلينجز باوجود پول??و جي مڪمل خاتمي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پول??و جي خاتمي بابت بورڊ جي خصوصي اجلاس دوران چيو ته اسان 2026ع تائين پول??و جي خاتمي لاءِ مقرر وقت اندر پول??و جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون. ان حوالي سان تبصرو ڪندي پاڪستاني سفير نشاندهي ??ئي ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ پوليو ويڪسينيشن مهم کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عالمي شراڪتدارن جي ٺوس ڪوششن سبب گذيل سال پول??و جا صرف 6 ڪيس سامهون آيا. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال پاڪستاني حڪومت 45 ملين ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳ ئي ان مهم جي شروعات ڪري ڇ??ي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته ان حوالي سان پاڪستان کي پنهنجن سمورن لاڳاپيل عالمي شراڪتدارن سان فني ۽ مالي تعاون جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته 24ع ۾ پوليو پروگرامن لاءِ 205 ملين ڊالر گهربل هئا ۽ 95 ملين ڊالر جي کوٽ هئي. سفير منير اڪرم سمورن عطيو ڏيندڙ شراڪتدارن تي زور ڀريو ته هو پول??و جي خاتمي جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ٻارن کي قطرا پيئارين. هن نمائندن کي ٻُڌايو ته اسان پوليو خلاف جنگ ۾ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ 2026ع تائين پول??و جي خاتمي لاءِ فوري ۽ جرئتمنداڻي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ يونيسيف جي سرگرمين جو جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي پاليسين، ملڪي پروگرام ۽ بجيٽ جي منظوري ڏئي ٿو. هي بورڊ 26 ميمبرن تي ٻَڌل آهي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي 5 علائقائي گروپن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ڪم بيورو ذريعي مربوط آهي، جنهن ۾ صدر ۽ چار نائب صدر شامل آهن ۽ ه?? هڪ آفسر 5 علائقائي گروپن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
پاڪستان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي بابت اهم اڳڀرائيءَ لاءِ پُرعزم آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون