گڏيل قومون-07 مارچ (اي پي پي) پا??ستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغان عبوري حڪومت کي ڪالعدم تحريڪ طالبان پا??ستان (ٽي ٽي پي) سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ جي پا??ستان جي مطالبي جي حمايت ڪري جيڪو پا??ستان جي فوجي ۽ سولين هدفن تي حملن لاءِ مسلسل زميوار ??هي. گڏيل قومن ۾ پا??ستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران خبردار ڪيو ته القاعده ۽ ڪجهه رياستي سرپرستن جي حمايت يافته ٽي ٽي پي جلد ئي عالمي دهشتگردي جي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پا??ستاني نمائندي چيو ته افغان عبوري حڪومت جي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي ان جي پنهنجي علائقي تي مڪمل ڪنٽرول جي ان دعويٰ جي ابتڙ آهي ته هو عالمي برادري جي شناخت جي خواهشمند ??هي. هن گڏيل قومن تي به زور ڀريو ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪري ته ٽي ٽي پي جديد فوجي ساز ۽ سامان ۽ هٿيارن ڪيئن حاصل ڪيا ۽ ٽي ٽي پي جي مالي مدد جي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي، جيڪا ان جي 50 هزار جنگجوئن ۽ ان جي ڪفالت هيٺ ماڻهن ۽ ان جي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ مدد ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلامتي ڪائونسل پا??ستان جي ان مطالبي جي حمايت ڪندي ته افغان حڪومت ٽي ٽي پي سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ۽ ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن کي پا??ستان يا ٻين پا??يسري ملڪن خلاف سرحد پار حملا ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پا??ستاني نمائندي افغان جي صورتحال تي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي ڪجهه اعتراض به پيش ڪيا?? جن ۾ پا??ستان ۾ تحفظ جي نامناسب ماحول جي دعويٰ به شامل ??هي. ان حوالي سان هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پا??ستان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تقريبن 50 لک افغان پناهگيرن کي عالمي برادري جي تمام گهٽ مدد سان وڏي اقتصادي، سماجي ۽ سلامتي جي قيمت تي ميزباني ڪري رهيو ??هي.
سلامتي ڪائونسل افغان عبوري حڪومت کي ٽي ٽي پي سان لاڳاپا ختم ڪرڻ تي زور ڀري: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais