عمان -17 اپريل (اي پي پي ) اردن جي فوج چيو آهي ته مملڪت جي هوائي حدن کي پر امن ۽ محفوظ رکڻ ۽ ڪنهن به قسم جي دراندازي جي روڪ ٿام ل??ءِ فضائي نگراني تيز ڪري ڇڏي آهي .العربيه موجب اردن جي فوج پاران اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ٻئي طرف هفتي جي شام – ايران اسرائيل تي حملي دوران اردن جي فضائي حدن کي استعمال ڪندي ڪيترن ئي ڊرونز ۽ ميزائل فائر ڪيا هيا. ان واقعي کان پوءِ اردن جي هوائي فوج هائي الرٽ ٿي وئي آهي. اردن جي فوج جي ترجمان موجب رائل اردن جي هوائي فوج ڪنهن به هوائي دراندازي کي روڪڻ ۽ دفاع ل??ءِ پنهنجي فضائي حدن ۾ اضافو ڪيو آهي . ترجمان موجب اهو قدم اردن جي ان مؤقف جي تصديق ڪري ٿو ته اردن جي هوائي حدن ??ي ڪنهن به مقصد ل??ءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان کانسو??ءِ اردن پنهنجي هوائي خودمختياري خلاف ورزين جي روڪ ٿام ۽ ملڪ و قوم جي سلامتي کي لاڳو خطرن جي تدارڪ ل??ءِ ??هت?? قدم ڪندي هٿياربندن جي سرڪاري ترجمان شهرين تي زور ڏنو ته هو سوشل ميڊيا تي ڦهلائيندڙ افواهن تي ڌيان نه ڏين جنهن سان معاشري جا ماڻهن ۾ بي چيني پکڙجي ٿي ان حوالي سان اردني حڪ??مت ۽ فوج پاران جاري ڪيل معلومات تي اعتبار ڪن .
اردن جي هوائي فوج امڪاني در اندازي جي خطري کي نظر ۾ رکندي نگراني تيز ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پاور بال