گڏ??ل قومون-19 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبض?? کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ ??ڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي. ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ووٽ مليا، 43 ملڪن راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا ۽ 12 ٻين ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، جنرل اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءَ فلسطين، پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سميت ڪيترن ئي ملڪن طرفان پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسرائيل کان 12 مهينن اندر والاريل فلسطيني علائقي ۾ پنهنجي غير قانوني موجودگ?? کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني يهودي وسندين ۾ پيدا ٿيل مصنوعات جي امپورٽ ک?? روڪڻ سان گڏوگڏ اسرائيل کي هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ ٻئي لاڳاپيل سامان جي فراهمي يا منتقل?? کي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن. ڄاڻايل ٺهراءُ ??لسطين پاران اضافي حق ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ کانپوءِ باضابطه طور تي پيش ڪيل پهريون ٺهراءُ آهي، ٺهراءَ تي راءِ شماري والاريل اوڀر بيت المقدس ۽ باقي والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائ??ل قدمن تي غور لاءِ گهرايل جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي اجلاس ۾ ٿي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران فلسطين جي سرزمين تان اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات