اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا سميت عالمي ت??را??ن جي حل جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گذريل مهيني دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام ۽ ت??را??ن جي خاتمي جي حوالي سان طئي ٿيل گڏيل قومن جا معاهدا پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل فيصلا ڪافي ناهن ۽ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جاري ت??را??ن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ بحث دوران چيو ته جاري اهم ت??را?? جنهن تي غزه ۾ اسرائيل طرفان جاري فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ وچ اوڀر، آفريقا يا ڏکڻ ايشيا ۾ ت??را?? ڪنهن به معاهدي ذريعي اثرائتي طريقي سان حل نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي نمائندي معاهدي ۽ ان جي 2 ضميمن، گلوبل ڊيجيٽل ڪمپيڪٽ ۽ مستقبل جي نسلن جي پڌرائي تي پن??نج?? خيالن، اميدن، مايوسين ۽ تحفظن جو اظهار ڪيو، جنهن جي منظوري 22 سيپٽمبر تي پيڪٽ فار دي فيوچر اجلاس ۾ ڏني وئي هئي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ان معاهدي ۾ هٿيا??ن جي فراهمي تي ڪنٽرول يا عالمي سطح تي هٿيا??ن جي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ کي روڪڻ جي قدمن جا تفصيل به شامل ناهن. هن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن سلامتي ڪائونسل، هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ بابت ڪانفرنس، ۾ هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ واري ڪميشن ۽ خاص طور تي جنرل اسيمبلي کي مسئلن کي حل ڪرڻ قدم کڻڻ گهرجن. منير اڪرم آفريقا ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن خلاف تاريخي نا انصافين جي ازالي جو مطالبو ڪندي چيو ته امن کي هٿي ڏيڻ يا ت??را?? کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڍانچي تي الزام نه لڳائڻ گهرجن. هن چيو ته اها ناڪامي ڪجهه وڏين ۽ ڪجهه ننڍين طاقتن جي اسٽريٽجڪ عزمن ۽ پاليسين سبب آهي. پن??نج?? تقرير جي شروعات ۾ پاڪستاني نمائندي 16 رڪني هم خ??ال گروپ طرفان معاهدي سبب پيدا ٿيل مسئلن تي ڳالهه ڪئي، جنهن جو مقصد گڏيل قومن کي مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن هتي ماڻهن لاءِ بهتر مستقبل فراهم ڪري. پاڪستان کانسوءِ گروپ جي ٻين ميمبرن ۾ الجزائر، بوليويا، چين، ڪيوبا، مصر، ايران، عراق، لبيا، نڪاراگوا، روس، سريلنڪا، شام، وينز ويلا ۽ زمبابوي شامل آهن.
گڏيل قومن جا معاهدا پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل فيصلا تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪافي ناهن: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada