حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتدار جي نه پر سدائين قدرن جي سياست ڪئي آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، ت??ان??ئي بحران مان ڪڍيو. هو حافظ آباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صح?? واري وفاقي و??ير سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب سمو??ن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صح??في پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ