اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورت??ال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو ??هي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورت??ال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪي?? پيا وڃن، ڪورونا ه?? قومي مسئلو آهي ان حوالي سان سمورا فيصلا ا??فاق راءِ سان ڪي?? ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورت??ال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ??ه ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورت??ال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪي?? رپورٽ ٿيا هئا.
حڪومت ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا