اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا سان گڏوگڏ غربت جو چئلينج به درپيش آهي، ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ متاثر ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، صحت جي نظام جي بهتري ۽ ٻين قدمن جي ل??ءِ مالياتي انتظام جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ قرضن ۾ رليف گهربل هوندو، ڪروڙين ماڻهن کي بک کان بچائڻ جي ل??ءِ معيشت کي کولڻ ضروري آهي، انتظاميا سان گڏ رضاڪا فورس به ميدان ۾ لاٿي آهي، متاثر خاندانن جي ل??ءِ احساس ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، هلندڙ سال اسان جي ملڪ جي ل??ءِ تمام گهڻو مشڪل ثابت ٿي رهيو آهي، اسان تمام مشڪل سڌارن کانپوءِ جاري کاتن ۽ مالي خسارو گهٽ ڪيو، جيستائين ويڪسين نه ٿي اچي ملڪ ۽ قوم جي حيثيت سان ان وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم ۾ ڪوويڊ ايڪشن پليٽ فارم کي وڊيو ??نڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.
اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا سان گڏوگڏ غربت جو چئلينج به درپيش آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر