اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي، پا??ستاني عوام ڪوورنا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطن تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو، پا??ستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو م??ڪ آهي، مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل راول ايڪسپو جي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪوورنا وبا جي ڏس ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن تي ڀرپور ڌيان ڏنو، مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي احساس پروگرام ذريعي امداد ڪئي وئي، پا??ستان ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪورونا وبا کان گهٽ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته واپاري پنهنجي مصنوعات جي ذريعي دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته اهي ڇا ٺاهي رهيا آهن، هي نمائش واپارين کي پنهنجي مصنوعات وڪرو ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري اها نمائش منعقد ڪري شاندار ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته واپارين جي ٻاهرئين ملڪ سفا??تخ??نن ۾ مقرر ڪمرشل قونصلرز سان رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ڪمرشل قونصلرز کي مناسب انداز ۾ آگاهي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته واپاري برادري به انهن کي پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪري سگهي ٿي ته جيئن مختلف ملڪ ۾ پا??ستاني واپارين جي مصنوعات جي کپت ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ ڪمرشل قونصلر مختلف ملڪن جي منڊين ۾ موجود موقعن بابت واپارين کي آگاهه ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي روايتي روانگي واپار سان گڏوگڏ پنهنجي مصنوعات جي ويليو ايڊيڊ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پا??ستان پنهنجي جي ڊي پي ۾ 36 ارب ڊالر اضافي جي صلاحيت رکي ٿو، چيمبر آف ڪامرس پا??ستان جي اندر مصنوعات جي پروڊڪشن، مارڪيٽنگ سميت ٻيا معاملا ڏسي ٿو، اسان زرعي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان روايتي پيداوار تي ڌيان ڏيون ٿا، پا??ستان چانور برآمد ڪندڙ وڏو م??ڪ آهي.
ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر