اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ورجائڻ گهرجي ته اسان اسوه حسين رضه تي ??مل پيرا ٿي هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو حق جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مفيد هوندو، اسان کي گهرجي ته اسان گڏيل نفاق، فرقه و??ري?? ۽ مذهبي منافرت کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون. صدر يوم عاشور محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور يعني 10 هين محرم الحرام کي الله تعاليٰ روز ازل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ان ڏينهن ت??ري?? انسانيت جا تمام گهڻن اهم واقعا ر??نما ٿيا جهڙوڪ ح??رت آدم جي توبه قبول ٿي، ح??رت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، ح??رت سيدنا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو ح??رت عمر رضه پهرين محرم الحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور نبي ڪريم خاتم النبيين صه جي ڏوهٽي ح??رت امام عالي مقام ح??رت امام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ماڻي اسلامي ت??ري?? ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.
قوم کي عاشور جي ڏينهن تي اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هلڻ جو وچن ورجائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب