پشاور – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته سياست جو اصل مقصد عوام جي ??دمت آهي، سياست کي رڳو پئسو ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪندڙ اڄ عبرت جو نشان آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪابينا ميمبرن ۽ پي ٽي آءِ جي ??سيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سياست جو اصل مقصد عوام جي ??دمت آهي، بدقسمتي سان هتي ماڻهن سياست کي رڳو پئسو ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن ماڻهن هر جڳهه تي پئسو استعمال ڪيو ۽ هاڻي انهن جي ??الت عبرت جو نشان آهي. هن چيو ته اخلاقيات جڏهن ختم ٿي وڃي ته قوم تباهي طرف ويندي آهي، اسان مستقبل ۽ پنهنجي نسلن جي ??هتري جو سوچون ٿا. هن چيو ته قدرت پاڪستان کي هر نعمت سان نوازيو آهي. اسان ان جي لاءِ پٺتي رهجي وياسين ڇو ته هتي اقتدار عوامي خدمت بدران پئسو چوري ڪرڻ جي لاءِ سنڀاليو ويو، اسان هر نظام ۾ شفافيت چاهيون ٿا. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ميمبرن وزيراعظم جي ويزن جي مڪمل تائيد ڪئي.
سياست جو اصل مقصد عوام جي خدمت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان